شرح قصائد عرفي

شرح قصائد عرفي (ڪتاب): ايران جي نامور صاحب ديوان شاعر جمال الدين شيرازي تخلص عرفي (متوفي 999هه/1591ع) جي لکيل قصيدن جي شرح تي فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جو مصنف ملا قطب الدين آهي. هن ۾ حمدون، نعتون، اخلاق، عاشق ۽ معشوق بابت نصيحت آميز بيت، حضرت امام علي ابن ابي طالب عليه السلام جي شان ۾ منقبت، خان خانان، ابو الفتح گيلاني ۽ اڪبر بادشاهه جي شان ۾ چيل قصيدا موجود آهن. شارح هڪ هڪ بيت جي تفصيلي شرح لکي آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 126 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب منشي نولڪشور طرفان 1298هه/1881ع ۾ شايع ٿيو. ڇپجڻ واري سال تي منشي ڀڳوان ديال تخلص عاقل هي قطعه تاريخ چئي:
زقطب الدين فارغ شرح عرفي
بشد شايع چوبا تصحيح و افسر
سروش غيب گفتا بادل شاد
بگو عاقل “چهست اين شرح نادر”
1298هه/1881ع


هن صفحي کي شيئر ڪريو